ايشوريا، پريانڪا، عاليا يا ڪا ٻي؟ ڀارت جي امير ترين اداڪارا جي اثاثن جا تفصيل پڌرا

ممبئي(ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اداري هورون انڊيا ملڪ جي مشهور ترين شخصيتن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ شوبز انڊسٽري جا ڪيئي فنڪار پڻ شامل آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هورون انڊيا رِچ لسٽ 2024 کانپوءِ انڪشاف ٿيو آهي ته ڀارت ۾ امير ترين ماڻهن جي انگ ۾ تيزيءَ واڌارو ٿي رهيو آهي.
هورون انڊيا رچ لسٽ موجب، ڀارت ۾ هڪ هزار پنج سئو اڻيتاليهه ماڻهو اهڙا آهن جن وٽ هزار ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جا اثاثا آهن جڏهن ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال ٻه سئو ويهه وڌيڪ ڀارتي شهري امير ترين ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل ٿيا آهن.
فهرست موجب، بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ڀارت جو سڀ کان امير ترين اداڪار آهي جنهن جي ڪُل اثاثن جي ماليت 7300 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي.
ان کانسواءِ ڀارت جي امير ترين اداڪارا جو نالو پڻ سامهون آيو آهي جنهن سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته اِها اداڪارا ايشوريا راءِ بچن آهي، نه پريانڪا چوپڙا، نه دپيڪا پاڊوڪون آهي نه عاليا ڀٽ ۽ نه ئي ڪترينا ڪيف پر اِها هڪ ماضيءَ جي مشهور اداڪارا آهي.
ڀارت جي امير ترين اداڪارا جوهي چاولا آهي جنهن جي اثاثن جي ماليت چار هزار ڇهه سئو ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي.
واضح رهي ته جوهي چاولا کانسواءِ ٻي ڪا به ڀارتي اداڪارا هزار ڪروڙ ڪلب ۾ شامل نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.