ڀارتي شهر نوئيڊا ۾ افغانستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ واحد ٽيسٽ ميچ ناقص سهولتن سبب رولڙي جو شڪار آهي.
افغانستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ واحد ٽيسٽ ميچ 9 سپٽيمبر تي شروع ٿيڻي هئي پر پهريون ڏينهن آئوٽ فيلڊ آلي هئڻ سبب ضائع ٿي ويو هو ۽ نوئيڊا ۾ سڄو ڏينهن برسات هجڻ باوجود پهرئين ڏينهن ٽاس به نه ٿي سگهي هئي.
ميڊيا رپورٽس موجب، نوئيڊا اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي نيڪال وارو سسٽم ناڪارا ٿي ويو آهي ۽ آئوٽ فيلڊ ڪور ڪرڻ جون مناسب ۽ جديد سهولتون نه هئڻ سبب اسٽيڊيم ۾ بيٺل پاڻي سڄي ڏينهن جي سخت محنت باوجود خشڪ نه ٿي سگهيو .
اسٽيڊيم ۾ ٽيسٽ ميچ جي ٻيو ڏينهن بنا ٽاس جي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو جنهن کانپوءِ افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ وينيوز تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
افغان ڪرڪيٽ بورڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته هتي گهڻي ڳڙٻڙ آهي، ٻيهر ان ڀارتي وينيو تي نه اينداسين، رانديگرن به سهولتن مان ناخوش آهن.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ ۽ افغانستان وچ ۾ شيڊيول واحد ٽيسٽ ميچ آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهي.
You might also like