ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪارا صنم ماروي چوٿين شادي جي خبرن تي وضاحت ڏئي ڇڏي.
صنم ماروي تازو هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو هو ته هن هڪ ڀيرو ٻيهر شادي ڪئي آهي ۽ ازدواجي زندگي ۾ تمام گهڻي خوش آهي.
گلوڪارا جي ان انڪشاف کانپوءِ مداح مونجهاري جو شڪار ٿي ويا ته اها صنم ماروي جي ٽين شادي آهي يا وري چوٿين؟ ڇو ته گذريل سال اها خبر سامهون آئي هئي ته ٻئي مڙس کان طلاق وٺڻ بعد صنم ماروي حبيب نالي شخص سان ڳجهو نڪاح ڪيو هو پر 2023 ۾ هن ان کان به عليحدگي اختيار ڪري ورتي.
ان خبر تي صنم ماروي جو ڪو ردعمل سامهون نه آيو هو پر هاڻ چوٿين شادي جي خبرن تي هن خاموشي ٽوڙي آهي.
صنم ماروي پنهنجي آفيشل انسٽاگرام هينڊل جي اسٽوري ۾ خبر جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو، جنهن ۾ سنڌي ۾ لکيل هو ته چوٿين شادي بابت سموريون خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙيون آهن.
Next Post
You might also like