اسلام آباد پوليس شير افضل مروت کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوليس تحريڪ انصاف اڳواڻ شير افضل مروت کي پارليامينٽ ٻاهران گرفتار ڪري ورتو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته عمر ايوب ۽ زرتاج گل کي به گرفتار ڪيو ويندو پر علي محمد خان پارليامينٽ هائوس مان روانو ٿي ويو آهي ۽ کيس پوليس گرفتار نه ڪيو.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر آهي ۽ ريڊ زون جا داخلي ۽ ٻاهريان رستا بند ڪيا ويا آهن.
ڊي چوڪ، نادرا چوڪ، سرينا ۽ ميريٽ واري هنڌان ريڊ زون کي مڪمل طور سيل ڪيو ويو آهي.
ريڊ زون ۾ داخلا ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ رڳو مارگلا روڊ جو رستو کليل آهي.
ذريعن موجب شير افضل مروت کي نئين قانون تحت قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو، کيس پوليس سان جهيڙي جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين قانون تحت جلسي ۾ موجود پنجاب جي قيادت خلاف به ڪريڪ ڊائون شروع ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ اسلام آباد پوليس پنجاب پوليس کي ان حوالي سان باضابطا طور آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.