پي ٽي آءِ جلسي  ۾ رنڊڪ باوجود 10 هزار کان مٿي ماڻهو پهتا

اسلام آباد (عمر چيما) اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي لاءِ مختلف هنڌن تي پابنديون ۽ ڪنٽينر هڻڻ جي باوجود وڏي انگ ۾  ماڻهن جلسي ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ 12 کان 15 هزار ماڻهو جلسي واري هنڌ پهتا. هاڻي جلسو ته نه ٿي سگهيو پر مختلف هنڌن تي پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿيون. پشاور کان ايندڙ قافلن سان اها صورتحال وڌيڪ رهي. علي امين گنڊاپور جي قافلي سان ايندڙ ڪرين پوليس جي گاڏي سان ٽڪرائجي وئي ته چڪريون ٿي پيون. پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو ۽ پوليس شيلنگ ڪئي. ڪجهه اهلڪار پڻ زخمي ٿيا آهن. ان تي رينجرز ۽ ايف سي به طلب ڪئي وئي. ان کان اڳ ڊي سي نوٽيفڪيشن جاري ڪري چڪو هو ته 7 وڳي تائين جلسو ختم ٿيڻ گهرجي ۽ ان جي ڪري انتظاميا ايڪشن وٺڻ جو فيصلو ڪيو. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي عارف علوي جلسي جي حوالي سان هڪ پراڻي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي جنهن تي تنقيد کانپوءِ هن معذرت ڪندي چيو ته فيڪ نيوز تي ڪنٽرول ٿيڻ گهرجي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 09 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.