ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي سول اسپتال ۾ گذريل ڏينهن کان معطل بجلي بحال ڪئي وئي آهي، ڪي اليڪٽرڪ موجب فالٽ اندروني نوعيت جو هو. سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر خالد بخاري موجب ڪي اليڪٽرڪ جو عملو بجلي جي مڪمل بحالي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر خالد چيو ته اسپتال ۾ اڃا به وولٽيج جو مسئلو آهي، جڏهن ته اسپتال ۾ جنريٽرن مان بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه صحت ۽ توانائي کاتن جي سيڪريٽريز ۽ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه کي اسپتال جي بجلي بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن جي رپورٽ کيس پيش ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته ڪيبل فالٽ سبب سول اسپتال جي بجلي معطل ٿي وئي هئي، بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنيون پنهنجا ٽيڪنيڪل مسئلا بروقت حل ڪن. ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان مطابق سول اسپتال جي بجلي بحال ڪئي وئي هئي، سول اسپتال انتظاميا جي درخواست تي ڪي اليڪٽرڪ فالٽ کي درست ڪرڻ لاءِ سهڪار فراهم ڪيو.