سعودي عرب اسرائيل کي ڪڏهن تسليم ڪندو؟ آمريڪا وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته سعودي عرب ۽ اسرائيلي سفارتي لاڳاپا غزا جنگبندي سان شروع ٿي ويندا ۽ نئين صدر جي اچڻ کان اڳ سعودي عرب اسرائيل کي تسليم ڪري ڇڏيندو.
هيٽي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي انٽوني بلنڪن چيو ته نئين آمريڪي صدر جي اچڻ کان اڳ ئي سعودي عرب اسرائيل کي تسليم ڪري چڪو هوندو پر اهو نٿا ٻڌائي سگهون ته اهو ڪيئن ٿيندو.
هن چيو مان هاڻ به پراميد آهيان ته سعودي عرب ۽ اسرائيل وچ ۾ معاملا جنوري کان اڳ حل ٿي ويندا، صدر جو بائيڊن جي اقتداري دور ۾ ئي ائين ٿي رهيو آهي، غزا ۾ جنگبندي ڪرائي وئي ته سعودي ۽ اسرائيل جي لاڳاپن جي بحالي جو مرحلو به مڪمل ٿي ويندو.
واضح رهي ته آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون 5 نومبر تي ٿينديون ۽ جنوري 2025 ۾ نئون صدر حلف کڻندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.