يو اَي اِي عرب دنيا جو سڀ کان پهريون جوهري پلانٽ ٺاهي ورتو

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن بجلي جي پيداوار لاءِ عرب دنيا جو پهريون جوهري پلانٽ مڪمل ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل عرب امارتن جي جوهري توانائي ڪارپوريشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ جوهري برقي پلانٽ جي تڪميل جو اعلان ڪندي چيو ويو آهي ته جوهري توانائي ڏانهن اهو انتهائي اهم قدم آهي.
ان جوهري برقي پلانٽ مان حاصل ٿيندڙ بجلي ابو ظهبي نيشنل آئل ڪمپني (ادنوڪ) سميت ايمريٽس اسٽيل ۽ ايمريٽس گلوبل ايلومينيم کي فراهم ڪئي ويندي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوهري برقي پلانٽ ساليانو 40 ٽيرا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جنهن سان ملڪ جي بجلي جي ضرورتن جو 25 سيڪڙو پورو ٿيندو.
واضح رهي ته ان جوهري برقي پلانٽ لاءِ پهرئين ري ايڪٽر 2020 ۾ ڪم شروع ڪيو هو ۽ هاڻ چوٿون ري ايڪٽر به مڪمل طور آپريشنل ٿي ويو آهي.
گڏيل عرب امارتن اهو جوهري برقي پلانٽ ڏکڻ ڪوريا جي مدد سان تيار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.