نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊا ۾ رهندڙ پاڪستاني نوجوان محمد شاهزيب خان کي ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي سازش جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
آمريڪي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته شاهزيب نيويارڪ جي يهودي مرڪز ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
20 سالن جي شاهزيب کي شاهزيب جدون جي نالي سان به ڄاتو وڃي ٿو، کيس نيو يارڪ ۾ داخل شڪايت تي ڪينيڊا ۾ گرفتار ڪيو ويو.
هن ڪينيڊا کان آمريڪا اچڻ لاءِ ٽي گاڏيون تبديل ڪيون پر کيس بارڊر کان 12 ميل پري اورمس ۾ گرفتار ڪيو ويو، جيڪڏهن ڏوهه ثابت ٿيو ته شاهزيب کي 20 سال قيد ٿي سگهي ٿي.
You might also like