ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ درسي ڪتاب نه ملي سگهيا آهن، جنهن سبب شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو.
تعليم کاتي پاران درسي ڪتاب نه ملڻ سبب سنڌ جي شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو، ان معاملي تي تعليم واري سيڪريٽري، سيڪنڊري پرائمري ڊائريڪٽرن، چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ٻين خلاف درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندڙ ايڊووڪيٽ رضا شر چيو آهي ته سنڌ جي اڪثر اسڪولن ۾ ٻارن کي درسي ڪتاب نه ملي سگهيا آهن، تعليم کاتي جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان ڪجهه اسڪولن کي ڪتاب ڏئي ڌاڙا هنيا ويا آهن.
درخواستگذار چيو ته سنڌ حڪومت جي ايڏي وڏي بجيٽ هجڻ باوجود سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ درسي ڪتاب موجود نه آهن.
Prev Post
You might also like