ڀارت سميت سڀ ٽيمون چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اينديون: محسن نقوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته ڀارت سميت سڀ ٽيمون چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان اينديون.
قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ جاري تعميراتي ڪمن جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي محسن نقوي چيو ته بي سي سي آءِ چيئرمين جي شاهه جي آءِ سي سي چيئرمين بڻجڻ سان ڪا پريشاني ناهي، ساڻس رابطو رهندو آهي، اي سي سي ميٽنگز ۾ به ان سان ملاقات ٿيندي رهندي آهي.
هن چيو ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو اجلاس سڀاڻي کان ڪوالالمپور ۾ ٿي رهيو آهي، مصروفيتن سبب ان اجلاس ۾ شرڪت نه پيو ڪيان پر ان اهم اجلاس ۾ ورچوئل شرڪت ضرور ڪندس، جڏهن ته پاڪستان جي نمائندگي سلمان نصير ڪندو، اجلاس ۾ پي سي بي کي اي سي سي جي صدارت جو معاملو به حتمي شڪل اختيار ڪندو.
سندس چوڻ هو ته ڀارت سميت سموريون ٽيمون چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اينديون، اسان سڀني مهمان ٽيمن جي شاندار ميزباني ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.