ڪراچي: ڊيوٽي دوران سوشل ميڊيا جي استعمال تي وڌيڪ 12 اهلڪار معطل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس ڊيوٽي دوران سوشل ميڊيا جي استعمال تي ڪارروائي جو دائرو وڌائي ڇڏيو.
ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڊيوٽي دوران سوشل ميڊيا استعمال ڪرڻ تي وڌيڪ 12 اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو، معطل ڪيل اهلڪارن ۾ 3 عورتون ۽ 9 مرد شامل آهن.
ڪراچي پوليس جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن به 6 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو هو ۽ هاڻ معطل ڪيل اهلڪارن جو انگ 18 ٿي ويو آهي، انهن جي معطلي جا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.