آڪلينڊ (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ ايسين ڪنڊيشنز جو تجربو رکندڙ ڪوچن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب سريلنڪا جي اڳوڻي اسپنر رنگنا هيراٿ کي ايشيا ۾ 3 ٽيسٽ ميچن لاءِ اسپن بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٻڌايو ته هيراٿ پاڪستان جي ثقلين مشتاق جي جاءِ ورتي آهي، ثقلين مشتاق پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ پوزيشن سنڀالڻ تي هٿ کنيو.
ڪرڪيٽ نيوزيلينڊ موجب ڀارت جي اڳوڻي بيٽنگ ڪوچ وڪرم راٺوڙ کي افغانستان خلاف ٽيسٽ ميچ لاءِ ڪوچنگ اسٽاف ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته نيوزيلينڊ ۽ افغانستان جي ٽيمن وچ ۾ واحد ٽيسٽ ڀارت جي شهر نووائيڊا ۾ سومر کان کيڏي ويندي، جڏهن ته نيوزيلينڊ کي سريلنڪا ۾ ٻه ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي، جنهن جي پهرين ميچ 18 سيپٽمبر کان گال ۾ کيڏي ويندي.
افغانستان ۽ سريلنڪا خلاف ٽيسٽ ميچون، نيوزيلينڊ ايشين ڪنڊيشن جو تجربو رکندڙ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيا
You might also like