ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ 7 ڏينهن جي پوليو روڪ مهم 9 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي.
صوبائي صحت کاتي جي ترجمان موجب مهم 30 ضلعن ۾ 15 سيپٽمبر تائين جاري رهندي.
صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ۽ چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ۾ ڪيل فيصلن موجب گهراب ڳوٺ بس ٽرمينل تي روز 150 بسن جي مسافر ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئاريا ويندا.
عذرا پيچوهو چيو ته افغانستان ۽ ٻين صوبن مان آيل ٻارن کي ريلوي اسٽيشنز ۽ بس اڏن تي ڦڙا پيئاريا ويندا، مهم ۾ ڪوتاهي صفا برداشت نه ڪئي ويندي.
Next Post
You might also like