اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 6 سيپٽمبر تي يوم دفاع تي عام موڪل هوندي يا نه؟ ان حوالي سان اطلاعات واري وزارت واضح ڪري ڇڏيو.
سوشل ميڊيا تي يوم دفاع تي عام موڪل جي حوالي سان هڪ نوٽيفڪيشن گردش ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سڀاڻي موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پر اطلاعات واري وزارت ان نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏئي موڪل جي ترديد ڪري ڇڏي.
اطلاعات واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي موڪل جي حوالي سان گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن جعلي آهي.
You might also like