نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڄڪلهه ڀارت ۾ لڄالٽ جا واقعا عروج تي آهن، رياستي توڙي مرڪزي حڪومت جي ڪوششن باوجود اهڙن واقعن ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ نه پئي اچي.
ڀارت ۾ عورت سان زيادتي جو هڪ ٻيو افسوسناڪ واقعو سامهون آيو آهي، اهو واقعو اتر پرديش رياست ۾ پيش آيو.
لکنئو ۾ هڪ عورت پنهنجي مڙس کي اسپتال مان گهر منتقل ڪرڻ چاهيو، هن پنهنجي ڀاءُ جي مدد سان مڙس کي هڪ پرائيويٽ ايمبولينس ۾ منتقل ڪيو، ڊرائيور ۽ ان جي ساٿي جي نيت خراب ٿي وئي ۽ هنن عورت سان زيادتي ڪئي.
عورت جي ڀاءُ کي ڊرائيور جي ڪيبن ۾ يرغمال بڻايو ويو، جڏهن عورت ۽ ان جي ڀاءُ گوڙ ڪيو ته ڊرائيور عورت جي مڙس جي آڪسيجن بند ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ڊرائيور لاش روڊ تي اڇلائي ڇڏيو.
ايمبولينس ڊرائيور عورت کي پاڻ سان ويهارڻ چاهيو پر هن ۽ سندس ڀاءُ انڪار ڪيو، جنهن تي ڊرائيور پنهنجي ساٿي جي مدد سان کين تنگ ڪرڻ شروع ڪيو.
Prev Post
You might also like