برمنگهم ۾ مقرر پي آءِ اي جي ڊپٽي اسٽيشن مئنيجر اقبال جاويد باجوا جي ملازمت ختم

برمنگهم( ويب ڊيسڪ ) برمنگهم ۾ مقرر پي آءِ جي ڊپٽي اسٽيشن مئنيجر اقبال جاويد باجوا جي ملازمت ختم ڪئي وئي آهي.
پي آءِ اي ترجمان موجب، لاهور بورڊ مان ايف اي جو سرٽيفڪيٽ جعلي ثابت ٿيڻ تي اقبال جاويد باجوا کي استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو ويو هو، جنهن بعد هن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته اقبال جاويد باجوا کي 30 جولاءِ تي برمنگهم ۾ پي آءِ جي فنانس مئنيجر ذريعي شوڪاز ڏنو ويو هو.
ذريعن موجب، اقبال جاويد باجوا 1977 ۾ پي آءِ اي راولپنڊي آفيس ۾ ملازمت حاصل ڪئي، هن اسي واري ڏهاڪي جي آخر ۾ برطانياجي شهرت حاصل ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اقبال جاويد باجوا برطانيا جي شهريت وٺندي ئي پي آءِ اي ۾ پنهنجي ملازمت برطانوي شهري جي حيثيت ۾ تبديل ڪرائي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اقبال جاويد باجوا اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا جو ڀاءَ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.