پرڏيهي ليگز ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي گهرج گهٽجي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي سي بي طرفان قومي ڪرڪيٽرن کي ڏنل اين او سي پاليسي ۾ غيريقيني واري صورتحال سبب ڪرڪيٽرن جي پرڏيهي ٽي ٽوئنٽي ليگز ۾ گهرج گهٽجڻ لڳي.
قومي ڪرڪيٽرن جي اين او سي واري معاملي تي هر سيزن ۾ بحث ٿيندو آهي، جنهن جو سبب غير يقيني واري صورتحال آهي ۽ ان جو تازو مثال ويجهڙائي ۾ آسٽريليا جي بِگ بيش ليگ جي ڊرافٽ جي صورت ۾ سامهون آيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته غيريقيني واري صورتحال سبب بگ بيش ليگ جي انتظاميا پاڪستاني ڪرڪيٽرن ۾ دلچسپي گهٽجي وئي آهي.
ذريعن موجب، بي بي ايل جون مختلف فرنچائز پاڪستاني رانديگرن کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ چاهن ٿيون ۽ ڪجهه ڪرڪيٽرن سان دستيابي جي حوالي سان وضاحب گهري وئي هئي پر پاڪستاني ڪرڪيٽرز اين او سي جي حوالي سان يقيني طور تي ڪجهه نه ٻڌائي سگهيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بي پي ايل جون ٽيمون مڪمل ايونٽ يا ميچز جي انگ بابت ڪليئريٽي چاهن ٿيون، پاڪستان جو رڳو اساما مير ئي سليڪٽ ٿي سگهيو آهي جڏهن ته حارث رئوف، نسيم شاهه، زمان خان ۽ فخر زمان جهڙن ڪرڪيٽرن سميت 69 ڪرڪيٽرز نامزد ٿيا هئا.
ذريعن موجب، حارث رئوف سان به ٻن ٽيمن رابطو ڪيو هو پر کيس ڪليئرنس نه ملي سگهي جيتوڻيڪ هو ٻه ليگز کيڏي چڪو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيم ۾ شامل نه هئڻ جي صورت ۾ هو ٽين ليگ لاءِ خاص اجازت چاهي ٿو، حارث رئوف جو نالو بنگلاديش خلاف سيريز لاءِ غور هيٺ نه آندو ويو جڏهن ته انگلينڊ خلاف سيريز لاءِ به ڪا پڪ ناهي ته هو پلان ۾ شامل آهي يا نه، حارث رئوف وائيٽ بال سان گڏ ريڊ بال ڪرڪيٽ کيڏڻ جو خواهشمند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.