ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ريا چڪرورتي پنهنجي شادي جي پلان تان پردو کڻي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو.
ريا چڪرورتي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ چيو ته 32 سالن جي ٿي وئي آهيان، هن وقت تائين مان شادي لاءِ تيار ناهيان ۽ مون کي 40 سالن جي عمر ۾ شادي ڪرڻ تي ڪو اعتراض نه هوندو.
هن چيو سڀ کان پهريان ته شادي جي ڪا عمر ناهي هوندي ۽ ٻي ڳالهه ته مان ان نتيجي تي پهتي آهيان ته ڪهڙو زور پهتو آ! شادي ڪرڻ ڇو ضروري آ ۽ اهو دٻاءُ رڳو عورتن تي ڇو هوندو آ؟ منهنجي ڪيترين ئي ساهيڙين 40 سالن جي عمر ۾ شادي ڪئي ۽ ٻار ڄڻيا.
اداڪارا واضح ڪيو ته مان ڪيريئر ۾ اڃا اڳتي وڌڻ چاهيان ٿي ۽ في الحال شادي جو ڪو ارادو ناهي، هن وقت مان 32 سالن جي آهيان پر هاڻ به پاڻ کي شادي لاءِ تيار نٿي سمجهان، ڇو ته مون کي ڪيريئر ۾ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي.
ڪهڙو زور پهتو آ! في الحال شادي جي ضرورت ناهي: 32 ورهين جي اداڪارا پنهنجو پلان ٻڌائي ڇڏيو
You might also like