استري ٽو تجارتي ماهرن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيو!

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا شرڌا ڪپور ۽ راجڪمار رائو جي اداڪاري سبب ڀرپور هارر ڪاميڊي فلم ” استري ٽو “ باڪس آفيس تي تاريخ رقم ڪندي تجارتي ماهرن کي ڏندي آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن.
فلم رليز جي پهرين ڏينهن زبردست ڪاروبار ڪيو ۽ هاڻ باظابطا طور پنج سئو ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿي چڪي آهي.
رجڪمار رائو جي فلم ۾ پهرئين هفتي 307.80 ڪروڙ رپيا ڪمايا، جنهن ۾ پريويو شوز جي آمدني پڻ شامل آهي جڏهن ته ٻئي هفتي ۾ فلم 145.80 ڪروڙ ڀارتي رپين جو بزنس ڪيو.
استري ٽو ٽئين جمعي تي نوَ ڏهائي 25 ڪروڙ رپيا، ٽئين ڇنڇر تي 17 ڏهائي 40 ڪروڙ ۽ ٽئين آچر تي ٻاويهه ڏهائي ڏهه ڪروڙ رپيا ڪمايا ۽ هاڻ فلم باظابطا طور پنج سئو ڪروڙ جي ڪلب ۾ داخل ٿي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.