”مون سان ڪو به شادي ڪرڻ نه ٿو چاهي“ ڪنگنا رناوت جو انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا ۽ سياستدان ڪنگنا رناوت چيو آهي ته کيس ايڏو بدنام ڪيو ويو آهي جو سندس شادي ناهي ٿي رهي.
ويجهڙ ۾ هڪ ڀارتي شو دوران ڪنگنا رناوت شادي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اِهو به ٻڌايو ته ڪهڙي طرح سندس خلاف هلندڙ ناڪاري مهم سندس شادي ۾ رنڊڪ بڻجي رهي آهي.
شو دوران جڏهن 38 ورهين جي اداڪارا کان پڇيو ويو ته هوءَ شادي بابت ڪهڙي راءِ رکي ٿي ۽ سندس گهوٽ سياستدان هوندو يا ڪو اداڪار؟
ڪنگنا رناوت چيو ته ان معاملي تي هو ڇا ڳالهائي ؟ شادي بابت سندس خيال انتهائي نيڪ آهن ۽ هوءَ سمجهي ٿي ته هر انسان کي هڪ ساٿي جي ضرورت هوندي آهي.
اداڪارا چيو ته کيس محسوس ٿئي ٿو ته ٻار هئڻ گهرجن پر ماڻهن ايترو بدنام ڪيو آهي جو سندس شادي ناهي ٿي رهي، رڳو عدالتي ڪيس ئي ايترا آهن، جيئن ئي ڪنهن سان رشتي جي ڳالهه چُرندي آهي پوليس گهر پهچي ويندي آهي.
اداڪارا هڪ دلچسپ قصو ٻڌائيندي چيو ته هڪ ڀيري سندس رشتي لاءِ ڪجهه ماڻهو گهر آيل هئا، ان دوران عدالت مان حاضري جي حڪم اچي ويو، اِهو ڏسي هو گهر ڇڏي ڀڄي ويا.
ان کانپوءِ اداڪارا پنهنجي ڳالهه کان انڪار ڪندي ان کي مذاق قرار ڏنو ۽ چيو ته ” اِهو به هڪ سائيڊ ايفيڪٽ آهي“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.