قومي اسيمبلي ۾ عدليا بابت بل، پي ٽي آءِ پاران مخالفت جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ عدليا بابت بِل جي مخالفت جو فيصلو ڪري ورتو.
پي ٽي آءِ ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب، پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ عدليا بابت بل جي مخالفت جو فيصلو ڪيو ۽ ٻنهي ايوانن جي پي ٽي آءِ ميمبرن کي عدليا بابت بل جي مخالفت جون هدايتون جاري ڪيون ويون.
پارٽي ذريعن موجب، اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن کي زباني توڻي لکت ۾ پارٽي پاليسي بابت آگاهه ڪيو ويو آهي، اجلاس دوران ڳالهين بابت ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ويو .
ذريعن موجب، بئريسٽر گوهر خان چيئرمين طور ميمبرن کي پارٽي فيصلي موجب هدايتون جاري ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.