سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ وڌائڻ جو ترميمي بل سينيٽ ۾ پيش

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ججن جو انگ وڌائڻ جي حوالي سان ترميمي بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو.
چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ترميمي بل سينيٽر عبدالقادر پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ گهٽ هجڻ سبب ڪيس لڳڻ ۾ سال لڳي ويندا آهن، ڪروڙين رپيا ٽيڪسن جا سوين ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ اسان پنهنجون ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ٻاهران پِني رهيا آهيون.
اپوزيشن بل جي مخالفت ڪئي ته قانون واري وزير چيو بنا پڙهڻ جي انڪار ڪرڻ بهتر رويو ناهي، اسان کي پشاور حڪومت طرفان 10 جج وڌائڻ جي درخواست آئي آهي، جڏهن ته اتي پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي پر ان باوجود اسان اتي 10 جج ڏئي رهيا آهيون.
تحريڪ انصاف سينيٽر علي ظفر چيو ته اسان ٻه جج وڌائڻ لاءِ تيار آهيون پر ان کان وڌيڪ انگ لاءِ تيار ناهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.