لاهور (ويب ڊيسڪ ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته مون وٽ جادوءَ جي لٺ ناهي، مان ويندس ته ڪرڪيٽ جا معاملا ٺيڪ ڪري ويندس.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محسن نقوي چيو ته ڪرڪيٽ جا سڀ معاملا ٺيڪ ڪري ويندس، خرابي کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ٽيم جي ڪارڪردگي سٺي ناهي.
سندس چوڻ هو ته کيس پي سي بي چيئرمين جو عهدو سنڀاليندي پنج ست مهينا ٿيا آهن، وٽس ڪائي جادوءَ جي لٺ ناهي.
محسن نقوي چيو ته وقار يونس مينٽورز جي حوالي سان سهڪار ڪيو، هو ٽي چار هفتا ايڊوائزر رهيو، هن مدد ڪئي، وقار يونس کي هڪ ئي ٽيم سنڀالڻي هئي، هاڻ هو باظابطا طور ٽيم سنڀاليندو.
هن چيو ته ماڻهو سرجري جون ڳالهيون ڪن ٿا انڪري اِهو ڪم ڪري رهيا آهيون، ماڻهو چاهن ٿا ته چئن، پنجن ڄڻن جا ڳلي ڪپي ڇڏيان، ائين ناهي ٿيندو، پهريان پول ٺهڻ ڏيو، بيڪ اَپ هوندو ته سرجري به ٿيندي.
پي سي بي چيئرمين چيو ته بنگلاديش هٿان شڪست تي تمام گهڻي مايوسي ٿي آهي، چيمپيئنز ڪپ سپٽيمبر جي آخر ۾ مڪمل ٿيندو، ڪارڪردگي ڏيکاريندي اڳتي ايندا، سليڪشن ڪميٽي 17 رانديگر ڏنا، کيڏائڻ نه کيڏائڻ ڪوچ ۽ ڪپتان جو فيصلو هوندو آهي.
راولپنڊي ٽيسٽ جي حوالي سان محسن نقوي جو چوڻ هو ته پِچ جي رپورٽ گهري آهي جيڪا سڀاڻي تائين ملي ويندي، ڪجهه فيصلن تي آڱريون کڄي رهيون آهن، شڪست تي افسوس ٿيو.
هن چيو ته ڪراچي ٽيسٽ جو فيصلو مون ناهي ڪيو، فيصلو اڳواٽ ٿي چڪو هو، چيمپيئنز ڪپ ۾ هڪ هفتو دير يوٽرن ناهي، سينٽرل ڪانٽريڪٽ بابت ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اعلان ڪيو ويندو.
Next Post
You might also like