عليمه خان جي رئوف حسن سان واٽس ايپ پيغامن ٻائيتال مچائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي رئوف حسن سان واٽس ايپ پيغامن نئون پينڊورا باڪس کولي ڇڏيو.
ڪوڙي بيانيي ذريعي پي ٽي آءِ تي قبضي جي جنگ جو منظرنامو سامهون اچي ويو، 23 جون 2023 ۾ عليمه خان واٽس ايپ تان رئوف حسن کي بشريٰ بي بي سان منسوب هڪ پيغام موڪليو، جنهن ۾ ان جي پي ٽي آءِ باني سان جيل ۾ ملاقات ۽ روئڻ جي واقعي کي بيان ڪيو ويو.
عليمه خان رئوف حسن کي پيغام ۾ چيو ته بشريٰ بي بي جو اهو پيغام احمقاڻو آهي، بشريٰ بي بي جو اهو ڊس انفارميشن سيل ماڻهن کي اڪسائي رهيو آهي، ان پيغام جي مشهوري نه ڪئي وڃي ۽ هن رئوف حسن کي هدايت ڪئي ته پي ٽي آءِ باني جي اهڙي ڪا به ڳالهه ٻولهه بشريٰ بي بي سان نه ٿي.
عليمه خان بشريٰ بي بي سان سلهاڙيل جيڪو پيغام رئوف حسن کي موڪليو، ان ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جو احوال ڏنو، بشريٰ بي بي پيغام ۾ چيو ته جيل ۾ عمران خان سان اڪيلي ملڻ نه ڏنو ويو.
پيغام ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ جيلر وچ ۾ فرضي گفتگو کي بنياد بڻائي عمران خان جي موت جي پروپئگنڊا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته پي ٽي آءِ باني کي خبر آهي ته جيلر تي مون کي مارڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي.
بشريٰ بي بي سان منسوب پيغام ۾ آرمي چيف کي به نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته مان (پي ٽي آءِ باني) ڄاڻان ٿو ته منهنجون اهي سڄيون ڳالهيون عاصم منير هن وقت ٻڌي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.