سانا صدر پاران قومي راڳي ٻيجل سنڌي جي عيادت، علاج لاءِ 2 لک مالي سھائتا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ امريڪا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو ٽنڊي محمد خان جي انڊس اسپتال ۾ زيرعلاج سنڌ جي قومي فنڪار ٻيجل سنڌي سان ملاقات ڪندي سندس عيادت ڪئي، ۽ سانا طرفان سندس علاج لاءِ 2 لک رپين جي مالي سھائتا پڻ ڪئي، جيڪا سندس پٽن کي ڏني وئي.

سانا جي جنرل سيڪريٽري مشتاق راڄپر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي ته سانا صدر مقبول ھاليپوٽو سنڌ جي قومي فنڪار ٻيجل سنڌي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ٻيجل جھڙن فنڪارن سنڌي عوام ۾ قومي سجاڳي ۽ ايڪتا پيدا ڪرڻ ۾ ڏھاڪن تائين اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. ٻيجل سنڌ جي قومي حقن جي تحريڪ جو آواز رھيو آھي.

ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو وڌيڪ چيو ته سانا جي ڪوشش رھي آھي ته ھر ڏکئي وقت ۾ پنھجي حال آھر سنڌي عوام جو ڀرجھلو ٿئي، سماج جي اندر اميد کي زنده رکي ۽ سماجي انصاف ۽ حق لاءِ پتوڙيندڙن سان ساٿ نڀائي.

پريس بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سانا جاميمبر سائين ٻيجل سنڌي جي جلد صحتيابي لاء دعاگو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.