لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي هدايت تي ڪچي جي خطرناڪ ڌاڙيلن جي سر جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي.
وزيراعليٰ پنجاب جي هدايت تي خطرناڪ ڌاڙيل جي گرفتاري تي 50 لک رپيا انعام مقرر ڪيو ويو آهي.
اهڙي ريت گهٽ خطرناڪ ڌاڙيلن ۽ دهشگرد جي گرفتاري تي 25 لک انعام مقرر ڪيو ويو.
مريم نواز واضح ڪيو ته پوليس اهلڪارن جي شهادت تي ۾ ملوث دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو ويندو.