ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سپر هٽ فلم ”استري 2“ جي هيروئن شرڌا ڪپور به پاڪستاني سپر هٽ گاني ”بلاڪ بسٽر“ جي فين نڪتي.
تازي انٽرويو ۾ شرڌا ڪپور چيو ته اڄڪلهه هڪ گانو مون کي ڏاڍو پسند اچي رهيو آهي، جيڪو منهنجي ميوزڪ پلي لسٽ ۾ به ٽاپ تي آهي، اهو گانو گلوڪار فارس شفيع، عمير بٽ ۽ گهڙوي گروپ جو ”بلاڪ بسٽر“ آهي.
ڀارتي اداڪارا جي انٽرويو جي اها ڪلپ گاني جي ميوزڪ ڪمپوزر ذوالفقار جبار خان عرف ”زلفي“ پنهنجي آفيشل انسٽاگرام هينڊل تي پوسٽ ڪئي.
هن چيو ته واهه! اهو ڏسي خوشي ٿيندي آهي ته فن جي حوصلا افزائي سرحدن جي محتاج ناهي، مون کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته ”بلاڪ بسٽر“ شرڌا جي پلي لسٽ ۾ ٽاپ تي آهي، توهان جي فلم ”استري 2“ جي ڪاميابي لاءِ منهنجون نيڪ خواهشون.
واضح رهي ته 25 مئي تي رليز ٿيندڙ ”بلاڪ بسٽر“ يوٽيوب تي 35 ملين کان وڌيڪ ويوز حاصل ڪيا آهن.
You might also like