فيض حميد جي اوپن ٽرائل جو مطالبو فوج جي معاملن ۾ مداخلت آهي: عطا تارڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عمران خان طرفان فيض حميد جي اوپن ٽرائل جو مطالبو فوج جي معاملن ۾ مداخلت آهي.
پي ٽي آءِ باني جي بيان تي ردعمل ڏيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته عمران خان جي ڪوشش آهي ته پنهنجي بيانن سان ان معاملي کي تڪراري بڻائي، فيض حميد جي دفاع ۾ بيان ڏيندڙ 190 ملين پائونڊ ڪيس جو جواب ڏئي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي بيانن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو سخت پريشاني جو شڪار آهي، هن ثابت ڪري ڇڏيو ته فيض احميد ان جو اثاثو هو، هو فيض کي ڪڏهن اثاثو، ڪڏهن هيرو ته ڪڏهن زيرو چئي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.