شرجيل ميمڻ الزام جي سياست مان نڪري اچي: عظميٰ بخاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عظميٰ بخاري جو چوڻ آهي ته مريم نواز پنهنجي صوبي جي فنڊ مان پنجاب جي ماڻهن کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏنو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته ڀاءُ اوهان کي يقين ڇو نٿو اچي، سنڌ ۾ 16 سالن کان حڪومت اوهان جي آهي، مريم نواز جي ناهي، الزام جي سياست مان نڪري اچو.

هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ به مريم نواز جي حڪومت هجي ها ته سنڌ جي ماڻهن کي به رليف ڏئي ها.

هن شرجيل انعام ميمڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته تنقيد تي تنقيد ۽ الزام تي الزام جي سياست مان نڪري اچو، اوهان کي خدمت جو موقعو مليو آهي ته عوام جي خدمت ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.