اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ۽ چين سي پيڪ فيز 2 تحت 5 اقتصادي راهداررين تي ڪم شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي جن ۾ نون ڪاريڊورز ۾ گروٿ، اڪنامڪ ڊيولپمينٽ پراجيڪٽس، انوويشن، گرين اوريجنل ڪنيڪٽيويٽي شامل آهن.
اهي پنج ئي ڪاريڊور پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي فريم ورڪ فائيو اي ايز سان هڪ جهڙائي رکن ٿا.
آگسٽ جي آخر تائين انهن 5 ڪاريڊورن تي دستاويز تيار ڪيا ويندا.
رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ سي پيڪ منصوبن بابت جائزو اجلاس ٿيو. ان دوران احسن اقبال چيو ته ورڪنگ گروپس کي آگسٽ 2023 ۾ چيني صدر جي تجويز ڪيل ڪنسپٽ پيپر جي تياري جي هدايت ڪئي وئي هئي، ڪانسپٽ پيپرز جي تياري جو ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي.