واٽس ايپ واهپيدارن جي دلي خواهش پوري ڪري ڇڏي

ميٽا طرفان پنهنجي ايپس ۾ مصنوعي ذهانت ( اي آءِ ) سان ليس ٽيڪنالوجي تي ٻڌل فيچرز متعارف ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي، پر ان سان گڏوگڏ ٻين روايتي فيچرن کي به بهتر بڻائڻ جو عمل جاري آهي.
ميٽا طرفان واٽس ايپ ۾ رنگا رنگ چيٽ ٿيمز جو واڌارو ڪيو پيو وڃي، اِهو فيچر ميٽا جي ٻين ايپس انسٽاگرام ۽ فيسبڪ ميسنجر ۾ اڳواٽ ئي موجود آهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ ڊيوائسز جي بيٽا ورزن ۾ چيٽ ٿيمز وارو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
هونئن ته واٽس ايپ ۾ اڳواٽ ئي واهپيدار چيٽ بيڪ گرائونڊ جي چونڊ ڪري سگهن ٿا جڏهن ته وٽن لائيٽ ۽ ڪلر موڊز وارو آپشنز به دستياب آهي پر ٽيڪسٽ ببلز جو رنگ تبديل ناهي ٿيندو.
ان جي ڀيٽ ۾ انسٽاگرام ۽ ميسنجر چيٽ ٿيمز جي سهولت موجود آهي جهن ذريعي هر چيٽ ونڊو لاءِ واهپيدار مختلف رنگن يا آرٽسٽڪ ٿيمز جو استعمال ڪري سگهن ٿا، ائين ڪرڻ سان هر چيٽ ونڊو ٻئي کان مختلف ۽ منفرد نظر ايندي آهي.
رپورٽ موجب، واٽس ايپ طرفان هڪ نئين سيڪشن جي آزمائش شروع ڪئي وئي آهي جتي واهپيدار پنهنجي پسنديدا چيٽ ٿيم جي چونڊ ڪري سگهندا.
پر واٽس ايپ ۾ اِهو فيچر انسٽاگرام کان ڪنهن حد تائين مختلف نظر اچي ٿو جن ۾ ڊيفالٽ چيٽ ٿيم پاڻمرادو سمورين چيٽ تي لاڳو ٿئي ٿو.
ان ڏس ۾ واٽس ايپ ۾ مينوئل آپشن ڏيڻ جو امڪان آهي جنهن ذريعي صارفين انفرادي چيٽس کي الڳ صورت ڏئي سگهندا.
اِهو فيچر ان کان اڳ واٽس ايپ جي آءِ او ايس ڊيوائسز جي بيٽا ورزن جو به حصو بڻجي چڪو جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته هي فيچر تمام جلد سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.