پاڪستاني چانور جي ايڪسپورٽ چار ارب ڊالر تائين پهچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني چانورن جي ايڪسپورٽ چار ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي.
قومي اسيمبليءَ جي واپار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس محمد جاويد حنيف جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ واپار واري وزارت جي عملدارن جي نئين ٽيرف پاليسي تي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس دوران واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان ۾ گذريل ڏهن سالن دوران ايڪسپورٽ ۾ وڏو اضافو ناهي ٿيو، تمام جلد ٽيرف پاليسي بورڊ جي آڏو تجويزون پيش ڪنداسين، بورڊ جي سموريون سفارشون وزيراعظم کي پيش ڪيون وينديون.
هن چيو ته ڀارت چانورن جي ايڪسپورٽ ناهي ڪئي تنهنڪري پاڪستاني چانور ايڪسپورٽ وڌي وئي، پاڪستاني چانور جي ايڪسپورٽ چار ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي.
ان کانسواءِ فٽ ويئر، ٽائر ۽ فون جي صنعت ملڪ ۾ اچي رهي آهي، ڪيئي وڏيون آمريڪي ڪمپنيون چين مان نڪري رهيون آهن، اسان صورتحال جو جائزو آهيون ته انهن ڪمپنين کي پاڪستان طرف ڪئين آڻي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.