ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ جولاءِ جا بئنڪنگ انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
اسٽيٽ بئنڪ موجب جولاءِ 2024 تائين بئنڪن جا ڊپازٽس 30603 ارب رپيا رهيا ۽ جون 2024 جي ڀيٽ ۾ بئنڪن جا ڊپازٽس 1.7 سيڪڙو گهٽ ٿيا، جڏهن ته جولاءِ 2024 تائين بئنڪن جي ايڊوانس ڊپازٽس جي شرح 38.8 سيڪڙو رهي.
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته جولاءِ 2024 تائين بئنڪن جي سيڙپڪاري ۽ ڊپازٽس جي شرح 99.4 سيڪڙو رهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب جولاءِ 2024 تائين بئنڪن جي ايڊوانس 11872 ارب رپيا رهي ۽ جون 2024 جي ڀيٽ ۾ بئنڪن جي ايڊوانسز 4.5 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ 2024 تائين بئنڪن جي سيڙپڪاري 30431 ارب رپيا رهي ۽ جون 2024 جي ڀيٽ ۾ بئنڪن جي سيڙپڪاري 0.9 سيڪڙو وڌي آهي.
You might also like