سکر (ويب ڊيسڪ) سکر ۾ طوفاني برسات کانپوءِ ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود پاڻي ڪڍڻ جو ڪم اڃا جاري آهي.
مقامي انتظاميا جو چوڻ آهي ته سکر ۾ گذريل 36 ڪلاڪن دوران رڪارڊ برسات ٿي، ان دوران مختلف واقعن ۾ 24 ڄڻا زخمي ٿيا، 48 گهرن کي نقصان پهتو ۽ ڪرنٽ لڳڻ سان 5 جانور مري ويا.
سکر جي ميئر چيو ته شهر ۾ 77 ورهين جي تاريخ جي تيز ترين برسات رڪارڊ ڪئي وئي، برسات سان لاڙڪاڻي ۽ نوشهري فيروز جا علائقا به پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن.
You might also like