ڏکڻ آفريڪي بالر 64 سالا رڪارڊ ٽوڙي ڪامياب ترين اسپنر بڻجي ويو

پرويڊنس ( ويب ڊيسڪ ) ڪيشو مهاراج 64 سالا رڪارڊ ٽوڙي ڏکڻ آفريڪا جي ڪامياب ترين ٽيسٽ اسپنر جو اعزاز ماڻي ورتو آهي.
2016 ۾ ڊيبيو ڪندڙ ڪيشو مهاراج 52 ميچن ۾ 171 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي، هن ڪجهه ڏينهن اڳ ويسٽ انڊيز خلاف سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ اٺ وڪيٽون حاصل ڪيون جنهن تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو هو.
ڏکڻ آفريڪي اسپنر ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 45 رنسن عيوض 5 وڪيٽون ورتيون، ڏکڻ آفريڪا ٻي ٽيسٽ ميچ 40 رنسن تان کٽي سيريز هڪ ٻڙي تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
1960 ۾ رٽائر ٿيندڙ هگ ٽيفيلڊ 37 ٽيسٽ ميچن ۾ 170 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون هيون، هاڻي مهاراج 171 وڪيٽون وٺي ڪامياب ترين ڏکڻ آفريڪي ٽيسٽ اسپنر بڻجي ويو آهي.
ڊيل اسٽين 93 ٽيسٽ ميچن ۾ 439 وڪيٽن سان ڪامياب ترين فاسٽ بالر آهي، ان فهرست ۾ شان پولاڪ 421، مکايا نيٽني 390، ايلن ڊونلڊ 330، مورني مورڪل 309، ڪاگيسو رباڊا 299، جيڪ ڪيلس 291 ۽ ورنن ڦلينڊر 224 وڪيٽن سان شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.