پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ ڪراچي کان پنڊي منتقل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ ڪراچي کان راولپنڊي منتقل ڪئي وئي.
پي سي بي موجب ٻئي ٽيسٽ ميچون راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون، اهو فيصلو تعميراتي ماهرن جي مشوري کانپوءِ ڪيو ويو آهي، ان تي سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت ڪئي وئي.
بورڊ چيو ته ڪراچي ٽيسٽ تماشائين بنا ٿيڻي هئي، جڏهن ته پنڊي ۾ شوقين ٻئي ٽيسٽ ميچون ڏسي سگهندا.
واضح رهي ته ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ تعميراتي ڪم جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.