”بالر بهترين ڪپتان هوندا آهن“ بمرا عمران خان جو مثال ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا چيو آهي ته فاسٽ بالر بهترين ڪپتان ثابت ٿيندا آهن.
ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ بمرا چيو مون کي لڳي ٿو ته بالر هوشيار هوندا آهن، کين بيٽرن کي آئوٽ ڪرڻو پوندو آهي، تنهن ڪري بالرن جو ڪم ڏکيو هوندو آهي.
هن چيو ته راند دوران بالر تي گهڻيون شيون ڀاڙين ٿيون ۽ جڏهن ڪا ٽيم ميچ هارائي وڃي ته اڪثر ناڪامي جو ذميوار بالر کي ئي قرار ڏنو ويندو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان سڀني پيٽ ڪمنز جي ڪپتاني ڏٺي، ننڍپڻ ۽ وسيم اڪرم ۽ وقار يونس کي به ڪپتان طور ڏٺو، ڪپل ديو ڀارت لاءِ ورلڊ ڪپ کٽيو ۽ عمران خان پاڪستان لاءِ ورلڊ ڪپ کٽيو، بالر هوشيار هوندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.