پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز کان اڳ بنگلاديش کي وڏو ڌڪ

بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جو بيٽر محمود الحسن پاڪستان خلاف 21 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کان ٻاهر ٿي ويو.
محمود الحسن بنگلاديش جي اي ٽيم جو به حصو هو ۽ هن اسلام آباد ۾ پاڪستان شاهينز خلاف 4 ڏينهن جي ميچ ۾ حصو ورتو هو، جنهن دوران فيلڊنگ ڪندي کيس چيلهه ۾ ڌڪ لڳو ۽ هو ٻي اننگز ۾ بيٽنگ نه ڪري سگهيو هو.
حسن شاهينز خلاف پهرين اننگز ۾ 65 رنسن جي اننگز کيڏي هئي.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف فزيشن تصديق ڪندي چيو ته اسان کي محمود جي حوالي سان هڪ اي ميل وصول ٿي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته کيس چيلهه ۾ ڌڪ لڳو آهي ۽ 3 هفتن لاءِ آرام ڪندو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 21 آگسٽ کان راولپنڊي ۽ ٻي ٽيسٽ 30 آگسٽ کان ڪراچي ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.