اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هيڊ ماستر طرفان ڪلاس روم ۾ شاگردياڻين سامهون مبينا طور فحش حرڪتون ڪرڻ تي ماڻهن اسڪول کي باهه ڏئي ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو آسام رياست جي ضلعي ڪريم گنج ۾ پيش آيو، جتي سرڪاري اسڪول جو هيڊ ماستر شاگردياڻين کي ڪلاس روم ۾ مبينا طور فحش مواد ڏسڻ تي مجبور ڪندو هو.
پوليس طرفان ٻڌايو ويو ته هڪ شاگردياڻي پنهنجي ماءُ کي هيڊ ماستر جي رويي بابت ٻڌايو ۽ چيو ته هيڊ ماستر اسان کي هراسان به ڪندو آهي.
پوليس موجب واقعي جو علم ٿيندي ئي متاثر ٻارن جي والدين سميت مقامي ماڻهن احتجاج ڪيو ۽ مڇرجي اسڪول کي باهه ڏئي ڇڏي.
پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته والدين ۽ مقامي ماڻهن جي شڪايت تي استاد خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار فرار آهي، جنهن جي گرفتاري جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
You might also like