لنڊن جي تاريخي ثقافتي مرڪز سمر سيٽ هائوس ۾ باهه لڳي وئي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي تخت گاهه لنڊن جي تاريخي ثقافتي مرڪز سمر سيٽ هائوس ۾ باهه لڳي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 100 جي لڳ ڀڳ فائر فائيٽرز سمر سيٽ هائوس ۾ لڳل باهه وسائڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن.
فائر بريگيڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته عملو عمارت جي ڇت جي هڪ حصي ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، باهه لڳڻ جو ڪارڻ اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو.
سمر سيٽ هائوس ٽيمز درياهه جي ڪناري تي آهي، اهو ڪنهن دور شاهي محل هوندو هو ۽ هاڻ هڪ آرٽ، ثقافتي ۽ تفريحي مرڪز آهي، ان کي پهريون ڀيرو 1500 جي ڏهاڪي ۾ تعمير ڪيو ويو هو، جنهن کي 1700 جي ڏهاڪي ۾ ڊاهي ٻيهر تعمير ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.