بنگلاديش: تڪڙي چونڊن جو مطالبو رد، شاگردن جو پنهنجي جماعت ٺاهڻ جو منصوبو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) شيخ حسينا واجد جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪندڙ احتجاجي شاگردن پنهنجي سياسي جماعت ٺاهڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش ۾ شاگردن ملڪ جي ٻن وڏين سياسي جماعتن طرفان تڪڙي چونڊن جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو.
پنهنجي انٽرويوز ۾ شاگرد اڳواڻن چيو ته هو پنهنجي سڌارن کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي پارٽي ٺاهڻ تي غور ڪري رهيا آهن.
هنن چيو ته سندن مقصد گذريل 15 سالن دوران ٿيندڙ حڪمراني جي طريقي کي ٻيهر نه ورجائڻ آهي.
هوڏانهن پرڏيهي صلاحڪار توحيد حسين چيو ته شاگرد اڃا تائين ٽيڪنوڪريٽس سان پنهنجي سياسي منصوبن تي ناهي ڳالهايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.