ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار وجئه راز کي ايندڙ فلم ” سن آف سرداز ٽو “ مان ڪڍيو ويو آهي، جنهن جو سبب اداڪار پاران فلم ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ اجي ديوگن کي سلام نه ڪرڻ ٻڌايو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، فلم جي شريڪ فلمساز پرڊيوسر ڪمار منگٽ پاٺڪ چيو ته وجئه کي سيٽ تي سندس رويي ۽ مطالبن سبب فلم مان نيڪالي ڏني وئي آهي.
هن چيو ته وجئه وڏي ڪمري ۽ وينٽي وين جو مطالبو ڪيو، ان کانسواءِ هن پنهنجي اسپاٽ بواءِ لاءِ وڌيڪ پئسا گهريا، سندس اسپاٽ بواءِ هڪ رات لاءِ ويهه هزار رپيا وصول ڪري رهيو هو، جيڪو ڪنهن به وڏي اداڪار کان وڌيڪ آهي.
ٻئي پاسي اداڪارا وجئه جو چوڻ آهي ته کيس فلم مان انڪري ڪڍيو ويو ڇو ته هن سيٽ اجي ديوگن کي سلام نه ڪيو.
هن وضاحت ڏيندي چيو ته جڏهن هو فلم جي شوٽنگ لاءِ سيٽ تي پهتو ته ان وقت اجي ڪم ۾ رُڌل هو، انڪري کيس سلام نه ڪيو.
سندس چوڻ هوته کيس سيٽ تي پهچڻ جي ٽيهه منٽن کانپوءِ ئي فلم مان هٽايو ويو، هن ڪنهن به قسم جي بدسلوڪي يا ناجائز مطالبا ناهن ڪيا.
ميڊيا رپورٽس موجب، وجئه راز جي جاءِ تي فلم ۾سنجي مشرا کي شامل ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته فلم سن آف سردر ٽو، 2012 جي هٽ فلم ” سن آف سردار “ جو سيڪوئل آهي، جنهن جي شوٽنگ برطانيا ۾ جاري آهي، فلم ۾ اجي ديوگن ۽ مرونال ٺاڪر مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.