راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي اڊيالا جيل ۾ سهولتڪاري ۽ پيغام پهچائڻ تي ڪارروائي ڪندي جيل جي ٻن اڳوڻن آفيسرن کي گرفار ڪيو ويو، جڏهن ته 2 موجوده آفيسر به حراست ۾ آهن.
ٻئي پاسي اڊيالا جيل جي آفيسرن عمران خان جي مبينا سهولتڪاري جي معاملي تي سندس سيل جي سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن جي سخت نگراني جو فيصلو ڪري ورتو. جيل مينوئل جي ڀڃڪڙي ۽ اختيارن جي غلط استعمال تي اڳوڻي سپرنٽينڊنٽ جيل محمد اڪرم ۽ اسستنٽ سپرنٽينڊنٽ بلال کي گرفتار ڪيو ويو.
ذريعن موجب اڳوڻي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ ظفر غوري ۽ اسسٽنٽ ناظم شاهه کي به تحويل ۾ ورتو ويو، محمد اڪرم ۽ بلال پي ٽي آءِ باني جي سيل تائين وڃڻ جا مجاز هئا، ٻنهي آفيسرن تي ڊيوٽي دوران عمران خان لاءِ سهولتڪاري ۽ اختيارن کي اورانگهڻ جو الزام آهي، جاچ دوران يورپي ملڪن جون سمون به پڪڙيون ويون.
ٻئي پاسي عمران خان جي سيل جي سيڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن جي سخت نگراني ڪئي ويندي، مقرر عملي کي هفتيوار تبديل ڪيو ويندو، جيل عملي کي صحافين، وڪيلن ۽ پارٽي اڳواڻن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وئي، جيل ۾ رهندڙ اهلڪارن جي به مڪمل تلاشي ورتي ويندي.
Next Post
You might also like