سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پنهنجي قتل جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.
آمريڪي ميگزين پوليٽيڪو موجب ولي عهد آمريڪي ڪانگريس ميمبرن کي چيو ته هن سعودي – اسرائيلي لاڳاپن جي بحالي ۽ آمريڪا سان سهڪار خاطر پنهنجي حياتي خطري ۾ وڌي آهي.
ميگزين موجب هڪ موقعي تي سعودي ولي عهد مصر جي مقتول صدر انور سادات جو به حوالو ڏنو، جنهن کي اسرائيل سان ڪيمپ ڊيوڊ سمجهوتي کانپوءِ قتل ڪيو ويو هو.
شهزادي محمد بن سلمان آمريڪي ڪانگريس ميمبرن کي اهو به چيو ته اسرائيل سان ڪنهن امڪاني معاهدي ۾ فلسطيني رياست حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن حقيقي رستي کي به شامل ڪيو وڃي، خاص طور هاڻ جڏهن اسرائيل خلاف عربن ۾ ڪاوڙ پنهنجي عروج تي آهي.
You might also like