شڪيب الحسن پاڪستان خلاف کيڏندو يا نه؟

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻو بنگلاديشي ڪپتان ۽ سينيئر ڪرڪيٽر شڪيب الحسن پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏڻ جي اجازت ملي وئي آهي.
بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان جي دوري لاءِ راندين واري وزير آصف محمود کي رانديگرن جي لسٽ پيش ڪئي وئي، جنهن شڪيب الحسن کي عوامي ليگ جو ميمبر هئڻ باوجود کيڏڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
بي سي بي اختيارين موجب، راندين بابت عبوري حڪومت جي وزير آصف محمود کي رانديگرن جي نالن جي فهرست پيش ڪئي وئي هئي، عبوري حڪومت شڪيب الحسن جي نالي تي ڪو به اعتراض ناهي واريو.
شڪيب الحسن جو عوامي ليگ سان ڪهڙو تعلق آهي؟
اڳوڻو ڪپتان شڪيب الحسن عوامي ليگ جي ٽڪيٽ تي قانون ساز اسيمبلي جو رڪن به رهي چڪو آهي، بنگلاديش ۾ شاگرد تحريڪ کانپوءِ شيخ حسينا واجد طرفان وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڀارت فرار ٿيڻ کانپوءِ قانون ساز اسيمبلي ٽٽي وئي هئي جنهن کانپوءِ شڪيب الحسن جي رڪنيب به ختم ٿي وئي آهي.
شڪيب الحسن هلندڙ سال ملڪي تاريخ جي سڀ تڪراري چونڊن ۾ عوامي ليگ طرفان چونڊن حصو ورتو ۽ ڪاميابي ماڻي پارليامينٽ جو رڪن بڻيو هو.
بنگلاديش جي اڪثريتي پارٽين طرفان چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو هو، جڏهن ته اپوزيشن جا ڪيئي اڳواڻ جيلن ۾ بند هئا. ان کانسواءِ دنيا جي ڪيئي ملڪن ۽ انساني حقن جي گروپن چونڊن جي شفافيت تي سوال اُٿاريا هئا.
بنگلاديش ۾ جاري احتجاجي مظاهرن دوران شڪيب الحسن ملڪ کان ٻاهر ڪئناڊا ۾ ڪرڪيٽ ليگ کيڏڻ ۾ رُڌل رهيو ۽ وزيراعظم شيخ حسينا واجد جي استعيفيٰ کانپوءِ هو ڪئناڊا مان سڌو پاڪستان پهتو آهي جتي هو ٻن ميچن جي ٽيسٽ سيريز ۾ بنگلاديشي ٽيم جي نمائندگي ڪندو.
شڪيب الحسن راولپنڊي ۾ بنگلاديشي اسڪواڊ کي جوائن ڪري ورتو آهي ۽ سيريز جي تيارين لاءِ پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.