آڪلينڊ (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ۾ خيراتي تنظيم طرفان ورهايل نشي واريون ٽافيون ماڻهن لاءِ خطرو بڻجي ويون ۽ پوليس حرڪت ۾ اچي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب نيوزيلينڊ ۾ ان وقت پوليس ايڪشن ۾ آئي، جڏهن آڪلينڊ ۾ هڪ خيراتي تنظيم طرفان ورهايل ٽافين بابت خبر پئي ته انهن ۾ ”ميٿم فيٽامن“ جو مقدار موجود آهي.
غربت جي خاتمي جي چيريٽي هڪ بيان ۾ چيو ته آڪلينڊ سٽي مشن مان تقريبن 400 ماڻهن کاڌي جا پارسل حاصل ڪيا هئا، جن ۾ ٽافيون به شامل هيون، جيڪي ڪنهن شهري گمنام رهندي عطيو ڪيون هيون.
نيوزيلينڊ ڊرگ فائونڊيشن موجب هر ٽافي ۾ ميٿم فيٽامائن جو مقدار وڌيڪ هو، جيڪو موتمار ٿي سگهي ٿو.
نيوزيلينڊ جي اختيارين چيو ته ٽافي کائيندڙ 5 ڄڻن کي علاج کانپوءِ اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي.
خيراتي تنظيم اهي ٽافيون ورهائڻ تي معافي گهري ورتي، بيان موجب کين خبر نه هئي ته ٽافيون نقصانڪار آهن.
Prev Post
You might also like