لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ پنجاب جي صدر حماد اظهر عهدو ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
حماد اظهر ايڪس تي لکيو ته بدقسمتي سان منهنجي پي ٽي آءِ باني تائين پهچ ناهي، مان پريس ڪانفرنس نه ڪئي ۽ نه ڪا ڊيل ڪئي.
هن چيو ته منهنجي چرپر تي گهڻي سختي آهي، اڊيالا جيل نٿو وڃي سگهان، پنجاب جي تنظيم۾ اهڙا فيصلا ٿيا، جن تي نه منهنجي راءِ نه منهنجي رضامندي شامل هئي، اڪثر فيصلا اهڙا به هئا، جن تي ميرٽ بدران لابنگ هئي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني تائين محدود پهچ ۽ هڪ طرفي ڄاڻ پهچائي وئي.
You might also like