آصف زرداري جي عوام کي بجلي بلن ۾ جلد رليف ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون کي هدايت ڪئي آهي ته اهي عوام کي بجلي بلن ۾ فوري طور رليف فراهم ڪن.
آصف علي زرداري پنهنجي بيان ۾ چيو ته بجلي جا موجوده بل عوام جي برداشت کان ٻاهر آهن، عوام تي بجلي بلن جو وڌيڪ بار نه وڌو وڃي، حڪومت عوام کي خوشخبري ڏئي.
هن چيو اسان چاهيون ٿا ته عوام کي فوري طور رليف فراهم ڪيو وڃي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن اهڙي حڪمت عملي جوڙين، جنهن جا بجلي جا اگهه گهٽجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.