سائبر حملن کي روڪڻ لاءِ فائر وال ضروري آهي: شزا فاطما

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) واري مملڪتي وزير شزا فاطما چيو آهي ته سائبر حملن کي روڪڻ لاءِ فائر وال ضروري آهي، فائر وال سڄي دنيا ۾ استعمال ٿينديون آهن.
آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سست انٽرنيٽ جون شڪايتون مليون آهن، انٽرنيٽ ڪڏهن به سست نه ٿيڻ گهرجي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته فائيو جي جي نيلامي ڪئي وڃي.
هن چيو ته ڊجيٽل معيشت ۽ ڊجيٽل حڪومت جو دارومدار سٺي انٽرنيٽ اسپيڊ تي آهي، هن پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کان گذريل ٻن هفتن جي ڊيٽا طلب ڪئي آهي، ڊيٽا جي ٽريفڪ کي ڏسي انٽرنيٽ جي رفتار ڄاڻي سگهبي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.